واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) آمريڪا ج?? صدارتي چونڊ ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ جو اميدوار ۽ اڳوڻو صدر ??ون??ڊ ٽرمپ ڪامياب ٿي ويو آهي. هن پاڻ کي آمريڪا ج?? 47هون صدر چوندي پنهنجي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيو ۽ چيو آهي ته آمريڪي عوام اڄ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي آمريڪا ج?? سونهري دؤر جي شروعات ٿيندي. صدارتي چونڊون 270 کان وڌيڪ ا??يڪٽرز جي کٽڻ سان پنهنجي ڪاميابي يقيني ٿيڻ کانپوءِ هن فلوريڊا رياست ۾ پنهنجي چونڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ آمريڪين کي خطاب ڪيو. هن چيو ته هو ان وقت تائين آرام سان نه ويهندو جيستائين آمريڪا کي هڪ محفوظ ۽ خوشحال ملڪ بنائڻ جو عهد پورو نه ڪندو. آمريڪا ج?? عوام جي حقن لاءِ هر روز مقابلو ڪنداسين. ملڪ جي سونهري دؤر جي شروعات ٿيڻ واري آهي. ??ون??ڊ ٽرمپ چيو ته مُون ڪا ج??گ شروع ناهي ڪئي پر مُون جنگيون ختم ڪيون آهن. هن آمريڪي عوام تي زور ڀريو ته هي وقت اتحاد جو آهي، گذريل سالن ۾ جيڪي ويڇا وڌيا انهن کي پُٺتي رکڻو پوندو، آمريڪا ج?? صدارتي چونڊ ۾ ??ون??ڊ ٽرمپ جي ڪاميابيءَ سان ئي سڄي دنيا ۾ ڪيترين ئي ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. ??ون??ڊ ٽرمپ جي فلوريڊا ۾ تقرير ۽ ڪاميابيءَ جي اعلان کان اڳ واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪملا هيرس جي اليڪشن واچ پارٽيءَ وارو هنڌ ويران ٿيڻ شروع ٿي ويو. نائب صدر ڪملا هيرس کي هارورڊ ??ون??ورسٽيءَ ۾ پنهنجي حامين کي خطاب ڪرڻو هو پر جيئن ئي معلوم ٿيو ته هوءَ تقرير نه ڪندي ته اتي موجود ماڻهو خالي ڪُرسيون ۽ آمريڪي جهنڊا ڇڏي گهرن ڏانهن هليا ويا. ٻئي پاسي عالمي اڳواڻ?? ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، ??ون??ڊ ٽرمپ جي کٽڻ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي واپسي قرار ڏنو. هن چيو ته هي اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ عظيم اتحاد لاءِ هڪ طاقتور عزم جو اظهار آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، ??ون??ڊ ٽرمپ کي تاريخي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني. هن چيو ته ??ون??ڊ ٽرمپ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ڀارتي وزيراعظم، ??ون??ڊ ٽرمپ کي پنهنجو دوست چئي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي تاريخي چونڊ ڪاميابيءَ تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد، اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني پڻ ??ون??ڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي. هنگري جي وڪٽر اوربان، ??ون??ڊ ٽرمپ کي آمريڪي سياسي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي واپسيءَ تي مبارڪ ڏني. يوڪرين جي صدر پڻ ??ون??ڊ ٽرمپ کي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏني??ن. ??ن چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ??ون??ڊ ٽرمپ جي ڪاميابي يوڪرين ۾ امن کي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي بيان ۾ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ??ون??ڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس اقتدار جي دؤر ۾ دنيا ۾ انصاف جو ڳاٽ اونچو هو. ايران جي حڪومت جي ترجمان فاطمي مهاجراني پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊ جي نتيجن جو ايراني عوام جي زندگين تي ڪوبه اثر نه پوندو. ايران پنهنجي پاليسين کي شخصيت نه پر اصولن جي بنياد تي جوڙيندو آهي ۽ ان تي عملدرآمد جاري رکندو. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل آمريڪي صدر کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سندس قيادت ۾ نيٽو دفاعي اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. روس جي اڳوڻي صدر دمتري ميديدوف، ??ون??ڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏيندي چيو ته سندس هڪ خوبي اها آهي ته هو آمريڪي فنڊن کي غير ضروري طور ۽ خاص طور تي بيوقوف اتحادين تي خرچ ڪرڻ جي خلاف آهي. نيڌر لينڊ جي وزيراعظم ڊڪ سڪوف، ??ون??ڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏيندي سندس حڪومتي دؤر ۾ آمريڪا سان سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي اميد جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي آسٽريا ج?? چانسلر ۽ چيڪ ريپبلڪ، سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ ۽ ايلسلوا ڊور جي وزيراعظمن پڻ ??ون??ڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏنيون آهن.
آمريڪي عوام تاريخ رقم ڪري ڇڏي، مُون جنگيُون شروع نه ختم ڪيُون آهن: صدر ڊونلڊ ٽرمپ
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ