ابوظ??بي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ ڪراچي هوائي اڏي ويجھو روڊ تي ٿيل دھشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني شھري فوت جڏھن ته ڪجهه بيگناھه ماڻھو زخمي ٿيا آھن. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل عرب امارا?? جي پرڏيھي وزرات طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته گڏيل عرب امارات اهڙين مجرماڻين ڪارروائين جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پھچائڻ جي مقصد جي ھر قسم جي تشدد ۽ دھشتگردي کي مستقل طور رد ڪري ٿ??. ع??ب امارا?? جي پرڏيھي وزارت پاڪستاني حڪو??ت ۽ عوام، چين جي حڪو??ت ۽ عوام ۽ ان دھشتگردي واري واقعي ۾ فوت ٿيلن جي گھرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظھار ڪيو ۽ سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی