عمان – 08 مارچ (اي پي پي) رائل اردني فضائيه جي جهازن اتر غزه جي پٽي جي ڪيترن ئي هنڌن تي انساني امداد جا 9 نوان ??يئي ڊراپ ڪيا آهن. جن ۾ آمريڪا، فرانس، بيلجيئم، ڊنمارڪ ۽ مصري جهازن شرڪت ڪئي. العربيا اردو مطابق اردن جي فوج طرفان ??اري بيان ۾ چي?? ويو آهي ته اهو قدم اردن جي جاري ڪوششن ۽ غزه جي پٽي ۾ ماڻهن لاءِ طبي، امدادي ۽ خوراڪ موڪلڻ جي ڪوششن تحت کني?? ويو آهي، جنهن جو مقصد جنگ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي. هن وضاحت ڪئي ته غزه جنگ جي شروعات کانپوءِ اردني فوج ڀائر ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان (اردن) جي هٿياربندن فوج طرفان ڪيل 23 ايئر ڊراپس کان ??لاوه 29 اردني ايئر ڊراپ?? پڻ انجام ڏنا آهن. جن ۾ گڏيل عرب امارتن ۽ برطانيا حصو ورتو. آمريڪي فوج چيو آهي ته سي-130 ڪارگو جهازن گذريل ڏينهن غزه جي پٽي ۾ فضا مان ??مداد ڪيرائي. اها اردن سان ??مريڪي فوج جو ٽيون ايئرڊراپ آپريشن آهي. يو ايس سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) سوشل ميڊيا تي اطلاع ڏنو ته آمريڪي سي-130 جهاز اتر غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪندڙ 38 هزار کان وڌيڪ خوراڪ جا پيڪيٽ ڪي??اي?? ته جيئن جنگ سبب متاثر شهرين کي ضروري امداد تائين پهچ حاصل ٿي سگهي.
ڇهن ملڪن جي جهازن جو اتر غزه ۾ ايئر ڊراپ آپريشن
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری