واشنگٽن-19 جنوري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان ??ي اقتصادي لحاظ کان مستحڪم ڏسڻ جا خواهشمند آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس روزانو جي بنياد تي ٿيل پريس بريفنگ دوران ??يو ته پاڪستان جي حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي ادارن سان ??الهيون ڪري رهي آهي. هن پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿيڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان سمجهون ٿ?? ته هي هڪ چئلينج آهي. هن چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته پاڪستان آءِ ايم ايف ۽ عالمي مالياتي ادارن سان ??م ڪري رهيو آهي. اسان پاڪستان ??ي اقتصادي لحاظ کان مستحڪم پوزيشن تي ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جيستائين هو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي آءِ ايم ايف ۽ عالمي مالياتي ادارن سان ??الهه ٻولهه جاري آهي، اسان پنهنجي پاڪستاني شراڪتدارن جي حمايت ڪريون ٿا پر آخرڪار هي پاڪستان ۽ عالمي مالياتي ادار ن جي وچ جو معاملو آهي. ترجمان پاڪستان جي مالياتي چئلينجز تي آمريڪي قد??ن تي دٻاءُ وِجهندي چيو ته اسان جو پاڪستاني شراڪتدارن سان ??الهين ۾ اڪثر فني مسئلا پيش هوندا آهن. اڪثر وقت هي مسئلا ناڻي کاتي ۽ اسان جي پاڪستاني شراڪتدارن وچ ۾ حل ڪيا وڃن ٿا پر پرڏيهي کاتو ۽ اسان هم منصبن وچ ۾ ڳالهين جو موضوع پاڪستان جو ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آهي.
پاڪستان کي اقتصادي لحاظ کان مستحڪم ڏسڻ جا خواهشمند آهيون: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے