اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ علائقائي رابطن، واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي خوشحالي جي فروغ جي لاءِ تنظيم جي مستقبل جي رهنمائي جي لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا ۽ دستاويز منظور ڪيا ويا آهن. شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ سان گڏ ڪائونسل آف دي هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ميمبر ملڪن جي 23هين سي ايڇ جي شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس جو انعقاد ۽ ميزباني ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته هو ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جي تعميري تعاون تي انهن جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته سي ايڇ جي شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي جنهن ۾ رابطن ۾ اضافي، غربت جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي وغيره شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي ان سلسلي ۾ خطي جي ميمبر ملڪن سان تعاون ڪاري چڪو آهي ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري هاڻي تعاون جي ڪيترن ئي شعبن جي منظوري ڏني وئي آهي جن ۾ معيشت، واپاري تنظيم، تخليقي معيشت جي ترقي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن جي وچ ۾ نئين معيشت جي مڪالمي جا تصور شامل آهن. سي ايڇ جي شنگهائي تعاون تنظيم پاڪستان جي پرسڪون ۽ پرامن گادي واري شهر ۾ پڄاڻي تي پهتو جيڪو مارگلا جي دامن ۾ واقع آهي. پاڪستان ان عالمي تقريب جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جن معيشت، امن ۽ استحڪام کي درپيش تازي عالمي چئلينجن جي پس منظر تي غور فڪر ڪيو. شنگهائي تعاون تنظيم دنيا جي آبادي، جاگرافيائي بيهڪ ۽ معيشت جي بنياد تي يوريشين ملڪن جو دنيا جو سڀ کان وڏو گروپ آهي جنهن جي عالمي جي ڊي پي 23 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جي دور ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن تي زور ڏئي انهن مشاورتن ۽ نتيجن تائين پهچڻ جو هڪ سال جو ڊگهو عمل هو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پنهنجي خطاب دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل عزم جو ورجاءُ ڪيو، ان کانسواءِ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته شنگهائي تعاون تنظيم پائيدار ترقي، امن حاصل ڪرڻ ۽ علائقائي خوشحالي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ مثالي طور تي موجود آهي. اسحاق ڊار چيو ته گڏيل پڌرنامو معيشت، واپار، صنعت، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، عوام جي صحت، ثقافت، غربت جي خاتمي ۽ عورتن وغيره کي واضح ڪندڙ جامع دستاويز آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي سربراهن شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي لاءِ پنهنجي عزم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم به ڪيو. گڏيل پڌرنامي ۾ گڏيل ۽ قابل عمل مستقبل جي لاءِ عالمي معاشي نظام ۽ کليل ۽ شفاف نظام تي پڻ زور ڏنو ويو. اسحاق ڊار چيو ته گڏيل پڌرنامي جا نتيجا خطي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ مستقبل جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل احترام ۽ ويجهي تعاون سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اڳواڻن جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته وفد جي سربراهن ڊبليو ٽي او جي قاعدن ۽ ضابطن جي منافي تحفظ پسند واپاري قدمن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ سان گڏوگڏ ڊبليو ٽي او جي بنياد تي قانونن تي ٻڌل ڊبليو ٽي او، غيرامتيازي کليل، برابر، جامع ۽ شفاف گهڻ رخي واپاري نظام کي مضبوط بڻائڻ تي ڪم جاري رکڻ کي اهم سمجهيو آهي. هن تحفظ پسنداڻي قدمن، هڪطرفي ۽ واپاري پابندين جي پڻ مخالفت ڪئي جيڪي گهڻ رخي واپاري نظام کي ڪمزور ڪن ٿا ۽ عالمي پائيدار ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. هن چيو ته وفدن جي سربراهن شنگهائي تعاون تنظيم جي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي گهڻ رخي واپار ۽ اقتصادي تعاون جي پروگرام تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته هن لاڳاپيل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ لاڳاپيل تعاون جي مڪينزم جي ذريعي ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پڌرنامي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اقتصادي ترجيحن جي بنياد جي قيام جي تصور، شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي واپاري فروغ جي تنظيمن جي وچ ۾ تعاون جي تصور ۽ تخليقي معيشت جي ترقي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي تعاون جي فريم ورڪ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ”نئين اقتصادي ڳالهه ٻولهه“ جي ترقي ۾ تعاون جي تصور تي عملدرآمد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. اڳواڻن محدود واپار سان عالمي معيشت ۾ مختلف چئلينجن ۽ غيريقيني صورتحال تي پڻ پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. شنگهائي تعاون تنظيم جي اڳواڻن رستن ۽ بندرگاهن جي رابطي جي پڻ آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي بئنڪ، سيڙپڪاري ۽ فنڊ جي ترقي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڏنو جڏهن ته سال 2025ع جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي بجيٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان 2025ع جي لاءِ سي ايڇ جي شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئرمين جون ذميواريون روسي فيڊريشن کي ڏنيون ويون آهن ۽ ان جي صدارت جي لاءِ مسلسل ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان کي اهڙي طرح جي اعليٰ سطحي اجلاس جي ميزباني جي لاءِ زبردست ڪوششون ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اجلاس ۾ واپاري سرگرمين ۽ بزنس ڪائونسل بابت گذريل اجلاس جي نتيجن تي عملدرآمد جي حوالي سان عملي تعاون تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته اجلاس ۾ معيشت جي مختلف امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته واپاري تعاون ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن جي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ميمبر ملڪن جي گڏيل تعاون کي آسان بڻائڻ جي لاءِ موجوده مڪينزم کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نئين اقتصادي مڪالمي تي تعاون جو تصور اختيار ڪيو ويو. هن چيو ته اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم کي وڌيڪ موثر، آپريشنل ۽ متحرڪ بڻائڻ جي لاءِ اعتدال پسندي ۽ سڌارن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪارڪردگي، بجيٽ ۽ ان جي ميمبرن جي انگ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خطي ۽ دنيا جي امن ۽ خوشحالي تي زور ڏنو ويو.
شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ علائقائي رابطن، واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي خوشحالي جي فروغ جي لاءِ تنظيم جي مستقبل جي رهنمائي جي لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا ۽ دستاويز منظور ڪيا ويا آهن: اسحاق ڊار ۽ ايس سي او سيڪريٽري جنرل جي گڏيل پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : quina acumulada