پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ايس سي او ميڊيا فيسلي ليٽيشن سينٽر جو دورو


اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ڪالهه اڱاري ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ميڊيا فيسلي ليٽيشن سينٽر جو دورو ڪيو ۽ مقامي ۽ عالمي ميڊيا جي سهولت لاءِ ڪيل مختلف انتظامن جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ڊيجيٽل لائبريري، ميڊيا فيسلي ٽيشن روم، اسٽوڊيو ۽ ميڊيا روم سميت مختلف سهولتن بابت بريفنگ ڏني. دوري دوران غيرملڪي ميڊيا جي صحافين پرڏيهي آفيس جي ترجمان سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. ٻئي طرف اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ پڻ ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر جو دورو ڪيو ۽ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

متعلقہ مضامین