اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي تحفظ ل??ءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن ماحولي??تي تبديلين جي خراب اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ ل??ءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ماحولي??تي تحفظ ل??ءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان سان ملڪ ۾ قدرتي ماحول ۽ آبگاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ماحوليات ۽ ماحولي??تي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن جي عهديدارن پاڪستان جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ۾ پنهنجي پيغامن ۾ چئي. ماحوليات جي علامي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا جي پهرين سيشن جي صدارت ماحوليات واري مملڪتي وزير ملڪ امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي موسمي??تي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري ناهيد ايس دراني چيو ته اسان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمي??تي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن ۽ قدمن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن مان ماحوليات جي تحفظ ل??ءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي ??او??ود وزيراعظم عمران خان سر??بز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪريٽري چيو ته پاڪستان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ روزگار، آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت ملڪي آبادي کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو آهي، گڏيل قومن جي اداري يو اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ابراهيم ميگا گالا ۾ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ماحولي??تي تحفظ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.
ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن پاران ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج