اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته مختلف قسمن جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙيو وڃي، معذوري سرٽيفڪيٽ سان حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان جامع قدم کنيا وڃن. هو مختلف قسم جي معذوري جي رجسٽريشن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، گهرو وزارت جي اس??يشل سيڪريٽري شير عالم محسود، نادرا چيئرمين خالد لطيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدر سمورن لاڳاپيل ڌرين کي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪندي مختلف قسم جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ل??ءِ انهن جي رجسٽريشن جي عمل کي هموار ۽ تيز ڪر?? ضروري آهي، صدر چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ معذوري سرٽيفڪيٽ تمام اهم ??هي ڇو ته ان جي ذريعي حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان موقعي تي صدر کي نيشنل هيلٿ سروسز ۽ ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت ۽ نادرا پاران خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪم تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.
مختلف قسمن جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙيو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado