ساهيوال – 29 – جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي پ??جاب ??ڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته پنجاب ??ي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آه??، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آه??، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آه??، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پ??جاب ??ي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ ??ال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب ??وان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب ??ي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙي طرح هن قبضا گروپ جا محل ڪيرايا آه?? ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آه??، قبضا گروپ هڪ لعنت آه?? جيڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي محنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قبضا گروپن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.
پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ