ڪراچي – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته شهرن جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهڻيون آهن، پنجن سالن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو هدف آهي، ڪراچي جي مقامي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت سان گڏجي سنڌ ۾ به وڻن هڻنداسين، پراڻي ٻيلن مان وڏا وڏا وڻ ڪاٽيا وي?? ۽ انهن تي قبضا ڪيا وي??، اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي نه رڳو راندين جا ميدان پر صاف شفاف ماحول به ڏيڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ باغ بن قاسم جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. عمران خ??ن چيو ته ڪراچي جي خوبصورتي کي اسان مسلسل گهٽ ٿيندي ڏٺو، جڏهن اسان ساوڪ ختم ڪري ڇڏينداسين ته گرمي جي شدت وڌي وڃي ٿي اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي جي ماڻهن گذريل ڏينهن ۾ جيتري گرمي ڏٺي آهي ايتري پهرين ڪڏهن ناهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام