اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي چونڊيل نئين وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ لٽيندڙن ۽ قرضي ڪندڙن جي سخت احتساب جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو. قومي اسيمب??ي ۾ قائدايوان چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ عمران خان چيو ته هو اڄ الله تعاليٰ ۽ پنهنجي قوم جو ٿورو ادا ڪري ٿو جنهن کيس ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جو موقعو ڏنو جنهن جو قوم 70 سالن کان انتظار ڪري رهي هئي، هن چيو ته هو پنهنجي قوم سان واعدو ڪري ٿو ته هو اهڙي تبديلي آڻيندو جنهن لاءِ هو سڪي رهي هئي، هن چيو ته هاڻي سڀ کان پهرين ملڪ ۾ سخت احتساب ڪرڻو آهي ۽ جنهن ماڻهن ملڪ کي ڦريو ۽ قرض?? بڻايو انهن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ