عمران خان اهو سچ چيو آهي ته نواز شريف سان سندس ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي: مريم اورنگزيب


اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان شايد زندگي ۾ پهريون ڀيرو سچ ڳالهايو آهي ته سندس اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ڀيٽ نه ڪري سگهجي ٿي، نواز شريف قومي وقار، آئين جي سربلندي ۽ عوام جي حاڪميت جي علامت آهي جڏهن ته عمران صاحب وٽ غيرسنجيده، سياسي تماشن ۽ رستن جي سرڪسن کانسواءِ ٻيو ڪو هنر نه آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان شايد زندگي ۾ پهريون ڀيرو سچ ڳالهايو آهي ته سندس اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف قومي وقار، آئين جي سربلندي ۽ عوام جي حاڪميت جي علامت آهي جڏهن ته عمران صاحب غيرسنجيده، سياسي تماشن ۽ رستن جي سرڪسن کانسواءِ ڪو هنر نه ٿو رکي.

متعلقہ مضامین