رياض-26 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد ب?? سلمان مصر جي صدر عبدالفتاح ??لسيسي سان گذريل ڏينهن ٽيليفون تي رابطو ڪيو. سعودي خابرو ايجنسيءَ مطابق شهزاده محمد ب?? سلمان ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ تي صدر عبدالفتاح ??لسيسي کي مبارڪون ڏنيون. سعودي ولي عهد ٽيليفونڪ رابطي ۾ مصر جي صدر ۽ پنهنجي برادر عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي ۽ خواهش جو اظهار ڪيو. صدر عبدالفتاح ??لسيسي مخلصاڻن جذبن جي اظهار تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. ياد رهي ته عبدالفتاح ??لسيسي 18 ڊسمبر تي ٿيل صدارتي اليڪشن ۾ 89.6 سيڪڙو ووٽ کڻي وڌيڪ 6 سالن لاءِ ملڪ جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊجي ويو ??هي. مصر ج?? نيشنل اليڪشن اٿارٽي ٻُڌايو ??هي ته 67.3 ملين کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽرز مان 66.8 ملين ووٽرز پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس