رياض/واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن ??زه ۾ خطرناڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. انڊيپنڊنٽ اردو مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير انٽونڪي بلنڪن پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ ??زه جي صورتحال ۽ اتي خطرناڪ انساني بحرانن کي مُڻهن ڏيڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. سعودي عرب ??ي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۾ ??زه ۽ ان جي ڀرپاسي جي صورتحال کان علاوه گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انٽوني بلنڪن سعودي هم منصب سان ڳالهائيندي ??زه ۾ بنيادي انساني ضرورتن جي فراهميءَ کان علاوه ان جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي عزم جو اظهار، جڏهن ته احمر سمنڊ جي عالمي س??مو??ڊي حدن ۾ واپاري جهازن تي حوثين جي لڳاتار حملن جي مذمت ۽ـ سمورن شراڪتدارن وچ ۾ س??مو??ڊي سلامتيءَ لاءِ سهڪار تي زور ڀريو. واضح رهي ته سعودي پرڏيهي وزير ??لندڙ مهيني جي شروعات ۾ چيو هو ته ??زه ۾ ويڙهه جو فوري خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ته سڄي دنيا جون حڪومتون ??زه ۾ جنگبنديءَ کي ترجيح ناهن ڏئي رهيون. ان کان علاوه گڏيل قومن ۾ ??زه ۾ انساني بنيادن تي فوري طور جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو پر آمريڪا ۽ـ اسرائيل طرفان ان جي مخالفت ڪئي وئي.
آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، غزه ۾ خطرناڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena