برسلز _ 14 نومبر (اي پي پي ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آه?? ته اسرائيل غزه ۾ عسڪريت پسندن کي ختم ڪرڻ جو پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو آه?? هاڻي هو جنگ سٽيل غزه جي شهرين کي پنهنجي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ۾ هن چيو ته اسرائيل اهو معيار پاڻ طئي ڪيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي اسٽريٽجڪ هدف کي پورو ڪري چڪو آه?? . هن چيو ته غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو وقت آه?? ڇو ته اها ويڙهه هاڻي وچ اوڀر جي ٻين حصن ۾ پکڙجي رهي آه?? . هن جو چوڻ هو ته جنگ کي ختم ڪرڻ ئي غزه جي سويلين آبادي کي هنگامي بنيادن تي گهربل ??مد??د جي فراهمي جو سڀ کان موثر ذريعو هوندو . ان لاءِ غزه ۾ ڊگهي وقت تي ٻڌل حقيقي جنگ بندي ڪئي وڃي . هن چيو ته اها اسرائيل جي ذميواري آه?? ته هو غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ??مد??د جي فراهمي ۾ سهولتڪاري ڪري . هن غزه ۾ جاري انساني بحران کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ موثر ڪوششن تي زور ڀ??يو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي ان ڳا??هه جو به اعتراف ڪيو ته غزه ۾ ڪيتريون ئي ??مد??دي ٽرڪون ڦُرلُٽ ۽ ٻين ڏوهن سبب ??مد??دي سامان ورهائي ناهن سگهيون، اهو ضروري آه?? ته ان صورتحال ت?? ڌيان ڏنو وڃي.
اسرائيل عسڪريت پسندن جي خاتمي جو هدف حاصل ڪري ورتو، هاڻي غزه ۾ جنگ بند ڪري: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک