برلن – 19 جنوري (اي پي پي) جرمني ۾ پارليامنٽ جي ميمبرن پناهگيرن لاءِ قانون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏ?? آهي. اردو نيوز مطابق نئين قانون جي منظوري سان پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي واپس موڪلڻ جو طريقو بهتر بڻايو پيو وڃي. جرمن چانسلر اولف شولز جي مرڪزي کاٻي ڌر جي قيادت واري حڪومت نون اي??دڙن کي روڪڻ لاءِ نون قانونن ۽ قاعدن جي حمايت ڪئ?? آهي. گهرو وزير نينيسي فيزر چيو آهي ته قانوني مسودي سان پناهگيرن جي واپسي جي عمل کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ اسان اهو يقيني بڻائي رهيا آهيون ته اهڙن ماڻهن جن کي ملڪ ۾ ترسڻ جو قانوني حق ناهي، انهن جي واپسي جو عمل تيزي سان ٿئي. هن چيو ته پناهه جو حق نه رکندڙ ماڻهن کي انهن جي اباڻي ملڪ ۾ واپس موڪلڻ سان اهڙن ماڻهن لاءِ ??سي??ا فرا??م ٿيندا جن کي پناهه جي ضرورت آهي. متعارف ڪرايل نون سخت قاعدن سان پوليس کي اهڙن ماڻهن جو ڳولا جو اختيار مليو آهي جن کي جرمني ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو هوندو.
جرمني ۾ پناهگيرن لاءِ قانون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے