نيويارڪ-30 نو??بر (اي پي پي) آفريقي يونين ۽ گڏيل ق??من آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلي جي مذمت ڪئي آهي. چين جي خابرو اداري موجب هي گڏيل مذمت ستين اي يو – يو اين سالياني ڪانفرنس کانپوءِ جاري پڌرائي ۾ ڪئي وئي جيڪا گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ۽ آفريقن يونين (اي يو) ڪم??شن جي چيئرپرسن موسي فاڪي مهمت جي سربراهي ۾ نيويارڪ ۾ منعقد ٿي هئي. گڏيل پڌرائي ۾ آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلين جي مذمت ڪئي وئي ۽ برڪينا فاسو، گبون، جمهوريه گني، مالي نائجر ۽ سوڊان ۾ آئيني حڪمن جي وقت سر ۽ پرامن بحالي تي زور ڀريو ويو. ڪانفرنس ۾ آفريقا کنڊ ۾ امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي مقصدن جي حمايت لاءِ تڪرارن جي اثرائتي روڪٿام، امن قائم ڪرڻ، امن آپريشنز ۽ پائيدار ترقي جي ڪوششن جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ۽ آفريقي يونين ڪم??شن جي چيئرپرسن موسي فاڪي مهمت چيو ته جهيڙيندڙ ڌرين لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ڊگهي مدي واري جنگ بندي ??ن ۽ تڪرارن جي حل جو ڳالهين ذريعي رستو ڳولين.
آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن پاران آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي غير آئيني تبديلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار