خرطوم -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سوڊان ايران سان 7 سالن بعد ڪٽيل سفارتي ناتا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سوڊان جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته هو ايران سان ناتا بحال ڪري رهيا آهن. وزارت چيو آهي، ته ناتا بحال ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اج??اس?? بعد ڪيو ويو آهي. ناتن جي بحالي سان ٻ??هي ملڪن کي گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايران طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جولاءِ ۾ چيو هو ته باڪو ۾ وقتي سوڊان جي پرڏيهي وزير علي الصادق سان سندس ملاقات بعد ٻئي ملڪ ناتا بحال ڪ??ڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙو اعلان ٻ??هي ملڪن جي پرڏيهي وزي??ن وچ ۾ ٿيل ملاقات جي 3 مهينن بعد سامهون آيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی