واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته فرانس جي نائيجر مان واپسي بعد نائيجر جي ح??الي سان آمريڪي موقف ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، فرانس جي نائيجر مان پنهنجي فوج جي واپسي جي اعلان بعد آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته فرانس جي ان قدم بعد اسان جو موقف تبديل نه ٿيندو. هن چيو ته نائيجر ۾ هن وقت اٽڪل 1100 آمريڪي فوجي اهلڪار مقرر آهن. ٻئي طرف آمريڪي دفاع و??ري وزير اعلان ڪيو آهي، ته فرانس طرفان نائيجر مان پنهنجي سفير ۽ فوج جي واپسي و??ري اعلان بعد آمريڪا نائيجر بحران جي ح??الي سان پنهنجي مستقبل جي قدمن جو جائزو وٺندو. هن ڪينيا جي دوري دوران نيروبي ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته جڏهن ته اسان سفارتڪ??ري کي هڪ اهم موقعو ڏيندا آهيون ته اسان مستقبل لاءِ اهڙن قدمن جو به جائزو وٺي رهيا آهيون جنهن سان اسان جي سفارتي ۽ سلامتي وارن هدفن کي ترجيح ملي.
نائيجر مان فرانس جي واپسي بعد به آمريڪي موقف تبديل نه ٿيندو: ترجمان
مضمون کا ماخذ : کڑک