رياض -28 آگسٽ (اي پي پي) عرب ليگ جي قانونساز اداري عرب پارليامينٽ ڊينمارڪ ۾ ڪنهن به آسماني ڪتاب جي بي حرمتي کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. سعودي ميڊيا مطابق ٽوئيٽر تي عرب پارليامينٽ جي اسپيڪر عادل بن عبدالرحمان العسومي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي، ته اهو فيصلو ڪڌي ڏوهه کي روڪڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو. هن سوئيڊن ۽ ٻين ملڪن تي پڻ زور ڀريو آهي ته اهو ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي مثال تي عمل ڪن. هن يو??پي پارليامينٽ کي به چيو ته اها اجتماعي سطح تي اهڙو ئي قانون اختيار ڪري ته جيئن ان کي يقيني بڻائي سگهجي ته مذهبي مقدس شين ۽ علامتن کي مجروح نه ڪري سگهجي. ياد رهي ته اسلام مخ??لف ڪارڪنن طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي بعد ڊينمارڪ جي مر??زي ساڄي ڌر جي حڪومت ڄاڻايل قانون متعارف ڪرايو آهي.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena