واشن??ٽن-24 جنوري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون ٻه طرفو معاملو آهن، اسان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام چاهيون ٿا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ??رجمان نيڊ پرائس چيو ته اسان ڊگ??ي عرصي کان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام جو مطالبو ڪندا پيا اچون. اسان ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جي ??والي سان اڳڀرائيءَ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي شراڪتدار آهن ۽ ٻنهي جي پنهنجي ??نفرادي حيثيت آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي کي ڪشمير مسئلي تي ڳالهين جي ??والي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان جاري بيان جي ??اري ۾ هڪ سوال جي ??واب ۾ آمريڪي ترجمان چيو ته اسان ڊگ??ي وقت کان ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جا خواهشمند آهيون پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي ??فتار، دائره ڪار ۽ نوعيت جو فيصلو ٻنهي ملڪن کي ئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته آمريڪا ماضيءَ ۾ ڪيترن ئي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ آئينده پڻ جيڪو ممڪن ٿي سگهيو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته يقينن پاڪستان اسان جو شراڪتدار آهي ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪنهن به چونڊيل حڪومت سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن، اسان مختلف حڪومتن دوران انهن سان مضبوط لاڳاپن جي ??واهش ظاهر ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اڳ به ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته حڪومت کي ان جي پاليسين مطابق ڏسون ٿا ۽ ان سان گڏ اڳتي وڌندا آهيون. هن چيو ته اصل سوال اهو آهي ته ايندڙ پاڪستاني حڪومت ڪهڙي پاليسيءَ تحت اڳتي وڌندي. آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون ٻه طرفه معاملا آهن، ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام چاهيون ٿا: آمريڪي پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania