اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن جي خصوصي پئڪيج جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب انهن منصوبن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن ۽ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ خصوصي عدالتن جو قيام، اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن جو قيام، ملڪ جي اعليٰ انتظاميا جي آفيسن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ هاٽ لائينز جو قيام، سرڪاري رهائشي منصوبن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪوٽا، سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻارن جي ملڪ ۾ ۽ ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جي لاءِ وظيفا ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن. وزيراعظم ان موقعي تي تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا