غربت جي خاتمي لاءِ رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جون ڪوششون اهم آهن: وزيراعظم


اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ جي مختلف حصن ۾ غربت جي خاتمي جي حوالي سان رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت نه رڳو غريبن کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ پر انهن کي مستقل طور پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ هنرمند بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پڻ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي چيئرمين شعيب سلطان جي سربراهي ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.

مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس

متعلقہ مضامین