اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي و??يرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخاف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سميت سمورن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ چونڊ عمل کي تڪر??ري بڻائي ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪومت جي خلاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، ن??از شريف جي تقرير تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خ??شي ملهائي، ڀارت جي سمورين وڏين اخبارن ۾ ن??از شريف جي هيڊ لائين آهي ته ”ن??از شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي و??ضح موقف تي قائم آهي ته ڪنهن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز، پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي و??ري وفاقي و??ير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي و??ري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
جمهوري حڪومت خلاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن: شبلي فراز،/ شاهه محمود/ فواد چوڌري/ اسد عمر
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado