اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عاشوري جي ڏهاڙي جي ??نا??بت سان قوم تي زور ڏنو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ورجائڻ گهرجي ته اسان اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو حق جي سربلندي، ??دل ۽ انصاف جي فروغ، اسلامي روايتن جي پاسداري ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مفيد هوندو، اسان کي گهرجي ته اسان گڏيل نفاق، فرقه واريت ۽ مذهبي منافرت کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪريون. صدر يوم عاشور محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته يوم عاشور يعني 10 هين محرم الحرام کي الله تعاليٰ روز ا??ل کان ئي خاص شرف بخشيو آهي، ??ن ڏينهن تاريخ ??نسانيت جا تمام گهڻن اهم ??اقعا رونما ٿيا جهڙوڪ حضرت آدم جي توبه قبول ٿي، ??ضرت نوح عه جي ٻيڙي سلامتي سان جودي جبل تي لٿي، ??ضرت سيدنا ابراهيم عه تي نمرود جي باهه گلزار ٿي، ۽ ٻيو خليفو حضرت عمر رضه پهرين محرم الحرام تي شهادت جي درجي تي فائز ٿيو، هن چيو ته حضور نبي ڪريم خاتم النبيين صه جي ڏوهٽي حضرت امام عالي مقام حضرت امام حسين رضه پنهنجي اهل بيتِ اطهار ۽ ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ عاشور جي ڏهاڙي تي شهادت ماڻي اسلامي تاريخ ۾ ان ڏينهن کي قيامت تائين خاص بڻائي ڇڏيو.
قوم کي عاشور جي ڏينهن تي اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هلڻ جو وچن ورجائڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا