اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي اقتصادي سروي جاري ڪئي وئ?? آهي جنهن ??حت زرعي شعبي جي واڌويجهه 0.9 سيڪڙو، صنعتي شعبي جي 1.4 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي 4.7 سيڪڙو ۽ عبوري جي ڊي پي جي واڌويجهه شرح جو ڪاٿو 3.3 سيڪڙو، ٻيلن جي شعبي جي واڌويجهه جي شر?? 6.4 سيڪڙو، کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح مائنس 1.6 سيڪڙو، ٿوڪ ۽ پرچون واپار جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.1 سيڪڙو، مواصلات جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.34 سيڪڙو، ريلوي جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 38.93 سيڪڙو، هوائي چرپر جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.38 سيڪڙو، روڊ ٽرانسپورٽ جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.85 ??يڪڙو، ماليات ۽ بيمي جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.14 سيڪڙو، عمومي حڪومتي خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 7.9 سيڪڙو اضافو رهي آهي. هن ??هڙن خيالن جو اظهار بجلي ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، اوڳاڙين واري مملڪتي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ۽ اقتصادي ٽيم جي ٻين ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ?? هلندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي اقتصادي سروي جاري ڪندي ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران هلندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي اقتصادي سروي جاري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ