نارووال – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ايندڙ عام چونڊن ۾ اڳ کان وڌيڪ سيٽون کڻي ڪامياب ٿيندي، جمهوريت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده حڪومت بجلي ۽ گئس جي بحرانن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ انفراسٽرڪ??ر جا وڏا منصوبا مڪمل ڪيا، امن امان بحال ڪيو، اس??ن جو مقابلو انهن ماڻهن سان آهي جن وٽ پنهنجي حڪومت جي دور جي ڪو منصوبو عوام کي ٻڌائڻ لاءِ نه آهي پر اس??ن جي منصوبن تي الزام بازي ۽ تنقيد جو سهارو آهي، مشرف ۽ زرداري جي 15 سالا دور ۾ ڪو وڏو منصوبو مڪل نه ٿيو، نواز شريف پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته (ن) ليگ ملڪ ۾ شرافت، عزت ۽ وقار جي سياست ڪري ٿي جيڪي پاڻ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، اهي رڳو الزام لڳائين ٿا. هو نارووال ۾ 16 ارب ??پي?? جي لاڳت سان نارووال کي سيالڪوٽ لاهور موٽروي سان ڳنڍڻ جي چئن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مسلم ليگ (ن) ايندڙ چونڊن ۾ پهرين کان وڌيڪ سيٽون کڻندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے