اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته حلف نامي ??ي اصل صورت ۾ بحال ڪرڻ جي لاءِ ترميمي بل اڄ خميس ڏينهن قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران پارلياماني اڳواڻن سان گڏ م??ڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان چونڊ سڌارا بل 2017ع ۾ حلف جي معاملي تي بحث ٿي رهيو آهي، گذريل ڏينهن منهنجي طبعيت ٺيڪ نه هئي، اڄ جڏهن ايوان ۾ آيس ته ان حوالي سان سوچيو ته سڀني کي گڏجي ويهي لائحه عمل بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمب??ي جي اجلاس دوران اعلان ڪيو ته سمورا پارليماني اڳواڻ 11 وڳي منهنجي چيمبر ۾ اچن ته جيئن جيڪا غلطي ٿي آهي ان کي درست ڪري سگهجي.اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته هي هڪ فني غلطي هئي، آئون سڀني پارلياماني اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان سڀني محنت ڪري معام??ي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. حلف نامي ??ي اصل صورت ۾ بحال ڪيو ويندو ۽ اڄ خميس ڏينهن قومي اسيمب??ي جي اجلاس ۾ ان حوالي سان ترميمي بل ايوان مان منظور ڪرايو ويندو.
حلف نامي بابت ترميمي بل قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ