اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان افغان مسئلي جي پرامن حل لاءِ هن خطي جي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرعزم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ عدم استحڪام جي بنياد تي وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي، افغانست??ن جي مسئلي جو حل افغان قيادت ۾ افغان عوام جي ??ما??ت تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي ميڊيا ادارن جي نمائندن کي انٽرويو ڏيندي چئي. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن لاءِ تيار آهي ڇو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ انهن کي رڳو افغانستان مسئلي جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، دهشتگردي جو مسئلو بنا شڪ جي پاڪست??ن جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي ۽ ??ن جي حل لاءِ هن تمام گ??ڻو ڪجهه ڪيو آهي، اسان ان کي شڪست ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ