وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ


APP48-130421 ISLAMABAD: April 13 – Federal Minister for Science and Technology Chaudhry Fawad Hussain briefs the media persons about the decision taken in Federal Cabinet meeting. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابينا ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ، لاهور سميت 5 شهرن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا جي سمري ۽ قانوني مواد جي ڊيجيٽلائيزيشن سان 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي، ڪابينا ۾ ڦيرڦار حتمي مرحلي ۾ آهي، مخالف ڌر جي ٽنهي پارٽين سان سڌارن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون، مطالبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ڪو گروهه پاڪستان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي ڪاغذي ڪارروائي جي ڊيجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي.

مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا

متعلقہ مضامین