ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار کي تحفظ ۽ فروغ ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: حفيظ شيخ


APP34-07 ISLAMABAD: May 07 - Adviser to the Prime Minister on Finance and Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shaikh at the launch of the Secured Transactions Registry (STR) at Finance Division. APP

اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار کي تحفظ ۽ فروغ ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي تعاون سان سيڪيورٽرائيزيشن رجسٽري جي افتتاحي تقريب ۾ چئي. افتتاحي تقريب ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سميت عالمي بئنڪ، برطانيا جي عالمي ترقي واري اداري ڊي ايف آءِ ڊي، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ناڻي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش

متعلقہ مضامین