مري – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جمهوريت جي استحڪام کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوري قدرن جي مضبوطي جي ذريعي قوم کي درپ??ش مسئلا حل ڪيا ويندا، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف سڀني کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي جنهن جي لاءِ هزارين قربانيون ڏنيون ويون آهن، هو لارنس ڪاليج گهوڙا گلي مري جي 157 هين يوم تاسيس جي موقع?? تي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ پنجاب جو گورنر محمد رفيق رجوانه به موجود هو. وزيراعظم ڪاليج ۾ مختلف ترقياتي ڪمن جي لاءِ 20 ڪروڙ روپين جي فنڊن جي فراهمي جو به اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪاليج ا??تظاميه استادن جي ڀلائي لاءِ فنڊ قائم ڪري جنهن ۾ حڪومت به مدد فراهم ڪندي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ ملڪ کي مختلف مسئلا درپيش آهن، پر الله جو ڪرم آهي ته اسان سڄي دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جنهن کي دنيا ۾ عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي اولين ترجيح آهي ته ملڪ ۾ جمهوري قدرن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ اسان جي ذريعي کي ملڪ ۽ قوم کي درپ??ش مسئلن جو حل چاهيون ٿا.
جمهوريت جو استحڪام اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا