اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? نواز شريف پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي پهچندڙ تڪليف جو جلد کان جلد ازالو ڪيو وڃي ۽ بروقت منصوبابندي نه ڪندڙ اهلڪارن تي ذميداري لاڳو ڪئي وڃي ته جيئن آئنده اهڙي صورتحال پيش نه اچي. هن اها ڳالهه بجلي جي کوٽ جي حوالي سان توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي ??ي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم طرفان ??هرايل اجلاس ۾ بجلي جي پيداوار ۾ کوٽ جي سببن جو جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا