اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته اوليائن جي درسگاهن تان سدائين امن جو پيغام مليو ۽ خانقاهن تان سڪون، امن ۽ محبت ملي ٿي، اسلام جي امن جي پيغام کي مجروح ڪيو ويو. مسلم ليگ (ن) جي علماءِ مشائخ ونگ جي اهتمام هيٺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته قوم وزيراعظم محمد نواز شريف جي صحتيابي جي لاءِ دعائون ڪري ٻڌائي ڇڏ??و آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سان گڏ آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي صحتيابي جي لاءِ دعائن تي اسان قوم جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته قوم عمران خان جي منفي سياست کي رد ڪندي اها ڳ??لهه واضح ڪري ڇڏ?? آهي ته اهڙا ماڻهو ملڪ جي لاءِ نقصانڪار آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي جلسن ۾ خالي ڪر??يون سندس سياسي مستقبل واضح ڪري رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ