واشنگٽن- 17 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا اتر ڪوريا جي اهم ش??صي??ن ۽ جنرلن سميت مختلف ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اتر ڪوريا ۽ روس تي نيون پابنديون لڳايون ويون آهن . جن??ن جو مقصد پيانگ يانگ جي مالي سرگرمين ۽ ماسڪو لاءِ ان جي فوجي مدد کي نشانو بڻائڻ آهي. پابندين ۾ اتر ڪوري?? جون بينڪون ، جنرلز ۽ ٻين اختيارين سان گڏو گڏ روس جون تيل جي فراهمي ڪندڙ ڪمپنيون به شامل آهن. اهو آمريڪ?? جو تازو قدم آهي جن??ن جو مقصد يوڪرين ۾ روس جي فوجي آپريشن لاءِ اتر ڪوريا جي حمايت کي روڪڻ آهي. آمريڪي ناڻي وزارت واضح ڪيو آهي ته نشانو بڻايل اتر ڪوريا جي بينڪن ۾ گولڊن ٽرائينگل بينڪ ۽ ڪوريا منڊل ڪريڊٽ بينڪ شامل آهن. دفاع واري وزارت مطابق انهن اهلڪارن ۾ اتر ڪوريا جا جنرل به شامل آ??ن جيڪي پيانگ يانگ طرفان روس ۾ يوڪرين ۾ جنگي ڪوششن ۾ مدد لاءِ مقرر ڪيل هزارين فوجي شامل آهن.
آمريڪا پاران اتر ڪوريا جي اهم شخصيتن، جنرلن سميت مختلف ادارن تي پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ