پيانگ يانگ -10 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوري?? جي سربراهه ڪم جونگ اِن چيو آهي?? ته سندس ملڪ ايٽمي طاقت جي تعمير لاءِ هڪ پاليسي تي عمل پيرا آهي ته جيئن ايٽمي هٿيارن جي تعداد ۾ اضافو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه سومر تي رات جو اتر ڪوري?? جي سالياني يادگار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪِم جونگ اِن مطابق سندس ملڪ کي پنهنجي ايٽمي صلاحيتن کي وڌائڻ گهرجي ۽ ان جي استعمال کي تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن رياست جي سيڪيورٽي حقن جي ضمانت ڏئي سگهجي. ڪِم واضح ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جي حمايتن جي صورت ۾ موجود مختلف خطرن جو مق??بلو ڪرڻ لاءِ مضبوط فوجي وجود جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوري?? جي دفاع واري وزارت اڱاري ڏينهن ٻيٽ نما ڪورا ۾ گڏيل قومن جي قيادت ۾ شامل ميمبر ملڪن سان گڏ هڪ اجلاس منعقد ڪندي. اتر ڪوريا گڏيل قومن جي ڄاڻايل قيادت تي تنقيدي ڪندي ان کي ”غيرقانوني جنگي تنظيم“ قرار ڏنو هو. يانگ يانگ حڪومت ٻنهي ڪوريائن جي سرحد تي مق??ر گڏيل قومن جي انتظام هيٺ فورس ۾ جرمني جي شامل ٿيڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته ان اڳڀرائي سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي.
ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي ۽ انهن جي استعمال جي تياري ڪري رهيا آهيون: اتر ڪوريا
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ