وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق


APP62-061222 ISLAMABAD: December 06 - Chief Minister Sindh, Syed Murad Ali Shah calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/ABB/ZID

اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ سنڌ صوبي جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جي ڪمن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب

متعلقہ مضامین