بلاول ”لٽو ۽ ڦٽو“ واري پاليسي ڇڏي سنڌ تي ڌيان ڏي، بلاول هائوس ۾ پاليل چوها 20 ارب جي ڪڻڪ کائي ويا: فرخ حبيب


APP38-010322 ISLAMABAD: March 01 - Farrukh Habib, Minister of State for Information and Broadcasting is talking to media. APP

اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول ”لٽو ۽ ڦٽو“ واري پاليسي ڇڏي سنڌ تي ڌيان ڏي، بلاول هائوس ۾ پاليل چوها 20 ارب جي ڪڻڪ کائي ويا، مخالف ڌر جي منافقت به بي مثال آهي، پهرين آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ تي منفي پروپئگنڊه ڪري رهي هئي، هاڻي وزيراعظم جي عوامي ريليف پئڪيج تي واڳون وارا ڳوڙها وهائيندڙ مخالف ڌر بهادري جو مظاهرو ڪري ۽ انهن قدمن کي ساراهي، اسان جي حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس ٻُري ڪيو، (ن) ليگ 55 رپيا في ليٽر تائين سيلز ٽيڪس وٺندي رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اسان جي وڪيلن دليل ڏنا، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽي ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ واضح لکيو آهي ته پٽيشنر اڪبر ايس بابر ڪو تصديق ٿيل دستاويز پيش نه ڪيو، تصديق ٿيل دستاويز بطور ثبوت پيش نه ڪرڻ تي اسان اليڪشن ڪميشن کي گذارش ڪريون ٿا ته اڪبر ايس بابر کي ڪيس کان جدا ڪيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته اڪبر ايس بابر جو هاڻي هن ڪيس سان ڳنڍيل رهڻ جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي، اسڪروٽني ڪميٽي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان ڊيٽا گهرائي هئي، حنيف عباسي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اسڪروٽني ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن ڪيس ٻڌڻ چاهي ٿي، اسان اليڪشن ڪميشن کي مطمئن ڪنداسين، اڳ ۾ به اسڪروٽني ڪميٽي کي پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز جو رڪارڊ پيش ڪيو هو، پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن وٽ ماهر چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جو تجربو آهي. مملڪتي وزير چيو ته ٻين پارٽين وٽ ٻاهرئين ملڪن مان فنڊنگ جو ڪو رڪارڊ نه آهي، بينظير جي ڪتاب موجب نواز شريف سندس حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ اسامه بن لادن کان پئسا ورتا، فضل الرحمان ليبيا کان پئسا وٺي سيڪريٽريٽ تعمير ڪرايو، پيپلزپارٽي مارڪ سهگل کي لابنگ جي لاءِ پئسا ڏيندي رهي. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي غيرفعال ٿيڻ سان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو فارن فنڊنگ ڪيس اڳتي نه وڌي رهيو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جا 9 ۽ پيپلزپارٽي جا 12 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، ٻنهي پارٽين پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي اضافي جي باوجود گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، بجلي جي يونٽ ۾ 5 رپيا گهٽتائي سان 95 سيڪڙو صارفين کي فائدو ٿيو ۽ بل 20 کان 50 سيڪڙو تائين گهٽ ايندا، 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان ۾ هر طرف اونداهي ئي اونداهي هئي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، ڪوويڊ 19 آيو ته ان وقت به مشڪلات هئي پر عمران خان 1200 ارب جو ريليف پئڪيج ڏنو، 3 مهينن جا بل معاف ڪيا، عالمي سطح تي مهانگائي ٿي ته آمريڪا ۽ يورپ جهڙا ترقي يافته ملڪ به متاثر ٿيا. مملڪتي وزير چيو ته 40 ڊالر في بيرل آئل 100 ڊالر، 40 وارو ڪوئلو 200 ڊالر، 6 ڊالر ايل اين جي 40 ڊالر تائين پهچي وئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم جو جن صحافين طرف اشارو هو اهي سمجهي ويا آهن، سڀني جي لاءِ نه چيو، آءِ ايم ايف ڄاڻي اسان ڄاڻون، انهن کي مطمئن اسان کي ڪرڻو آهي مخالف ڌر کي نه، ايماندار وزيراعظم ۽ ڪرپٽ ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي، مشڪل ۾ به عوام جو خيال رکڻ عمران خان جي اولين ترجيح آهي. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت 8 مهينن ۾ 3800 ارب جو ٽيڪس گڏ ڪيو جڏهن ته (ن) ليگ هڪ سال ۾ مشڪل سان ايترو ٽيڪس گڏ ڪيو هو، عمران خان نه ته لنڊن ۾ محل ٺاهيا ۽ نه ئي مني لانڊرنگ ڪئي، ٽن سالن ۾ مخالف ڌر اهڙو ڪو ڪيس سامهون نه آڻي سگهي، اسان جي حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس ٻُري ڪيو، (ن) ليگ 55 رپيا في ليٽر تائين سيلز ٽيڪس وٺندي رهي، پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس گهٽ ڪرڻ سان 70 ارب جو بار حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي، عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج کانپوءِ مخالف ڌر جا ڳوڙها ارمان بڻجي وهي ويا آهن، بلاول جو لانگ نه ڪوئيڪ مارچ آهي، اچي ٻڌائي ڳجها اڪائونٽس ڪهڙي استعمال ۾ هئا، 15 سالن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول لانگ مارچ ڇڏي ۽ ان کي سنڌ جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اڄ سنڌ جي عوام به هيلٿ ڪارڊ گهري رهي آهي، پيپلزپارٽي حڪومت ان تي به ڌيان ڏي.

متعلقہ مضامین