ڪجهه شرطن سان لاڪ ڊائون کي آهستي آهستي کوليو ويندو: وزيراعظم


APP41-04 ISLAMABAD: May 04 - Prime Minister Imran Khan addressing the volunteers of COVID-19 Relief Tiger Force. APP

اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪجهه شرطن سان لاڪ ڊائون کي آهستي آهستي کوليو ويندو ڇو ته اسان کي پنهنجي عوام کي ڪورونا کان به بچائڻو آهي ۽ بيروزگاري ۽ بک وگهي مرڻ کان به بچائڻو آهي، هن مشڪل وقت ۾ رضاڪار ٽائيگر فورس جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، اها فورس ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ، عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۽ حڪومتي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميا جي مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا رليف ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی

متعلقہ مضامین