ترجمو: عدنان کوکر
لاهور شهر کي پنهنجي ثقافتي ۽ تاريخي قدر جي لحاظ کان سدائين هڪ منفرد مقام حاصل رهيو آهي. خوبصورت پارڪن، شاندار عمارتن، دلڪش يادگارن ۽ عمده ثقافت جي ڪري ايبڪ دور، غوري دور، غزنوي ۽ مغل دور حڪومت ۾ ان کي هڪ مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. بادشاهي مسجد، شاهي قلعو، شالامار گارڊن ۽ ٻيون يادگارون ان دور جي ياد ڏيارين ٿيون ۽ اڄ به هر عمر جي ماڻهن جي دلچسپي جو سبب آهن، ان سموري تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي اهميت پنهنجي جڳهه پر انهن يادگارن ۾ مينار پاڪستان سڀ کان منفرد اهميت رکي ٿو. منٽو پارڪ ۾ تعمير ڪيل اهو مينار انهي جڳهه تي تعمير ڪيو ويو جتي قرارداد پاڪستان منظور ڪئي وئي هئي. اهو پنهنجي دلڪشي، خوبصورتي ۽ عمدگي سان گڏ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ جي پنهنجي عظيم ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو. منٽو پارڪ، لاهور جنهن کي هاڻي گريٽر اقبال پاڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، کي 22 کان 24 مارچ 1940ع جي آل انڊيا مسلم ليگ جي ٽن ڏينهن واري جنرل اجلاس جي جڳهه طور چونڊيو ويو ۽ پوءِ انهي جڳهه تي مسلم ليگ جي اجلاس ۾ قراداد پاڪستان منظور ڪئي وئي. ان قرارداد ڀارت جي مسلمانن جي لاءِ جدا رياست حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جي راهه هموار ڪئي هئي ۽ اهو خواب 14 آگسٽ 1947ع تي پورو ٿيو. انهي لاءِ 23 مارچ 1940ع تحريڪ پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل بڻجي ويو. منٽو پارڪ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي. ماضي ۾ مسلمان دور حڪومت، سک ۽ برطانوي راڄ دوران ان گرائونڊ کي ملٽري پريڊ گرائونڊ طور استعمال ڪيو ويندو رهيو. اهو پارڪ 1807ع کان 1813ع ۾ ڀارت جي گورنر جنرل لارڊ گلبرٽ ايليٽ مري ڪينيموڊ جي نالي سان منسوب هو پر بعد ۾ ان کي شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي نالي سان منسوب ڪري گريٽر اقبال پارڪ رکيو ويو.
مغليه دور جي دوران منٽو پارڪ، شاهي قلعي ۽ راوي درياءَ جي وچ ۾ گلن جي هڪ وڏي باغ سان ڳنڍيل هڪ سرسبز باغ جو حصو هو. شاهي قلعي لاهور جي ويجهي علائقي بادامي باغ جو نالو به انهي باغ سان اخذ ڪيو ويو. مغل دور حڪومت ۾ شاهي قلعي لاهور جي ويجهو انهي جڳهه تي بادام، انب ۽ ٻير جي وڻن تي ٻڌل هڪ تمام وڏو باغ موجود هو جيڪو آهستي آهستي ختم ٿي ويو ۽ هاڻي ان علائقي کي انهي باغ جي نسبت سان بادامي باغ چوندا آهن. بادشاهت جي دور ۾ ان سرسبز باغن تي ٻڌل ان وسيع کليل جڳهه کي رسمي فوجي ۽ ملٽري پريڊ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو. 1799ع ۾ جڏهن سک اقتدار ۾ آيا ته انهن باقاعده طور تي ان پارڪ کي پريڊ گرائونڊ جو نالو ڏئي ڇڏيو. سکن گلن جي باغن تي ٻڌل ان خوبصورت علائقي کي وڌيڪ توسيع ڏيڻ بدران ان علائقي کي فوج جي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. 1849ع ۾ انگريزن لاهور تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ لاهور قلعي کي فوجي اڏي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ برطانوي فوج روزانو جي مشقن جي لاءِ ان خوبصورت باغ ۽ پريڊ گرائونڊ کي استعمال ڪرڻ لڳي هئي. انگريزن مڪمل اجاره داري ۽ انگريز راڄ جي برتري قائم ڪرڻ جي لاءِ پريڊ گرائونڊ جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو هو پر ننڍي کنڊ مان نڪري وڃڻ ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جي مسلمانن ان جو نالو اقبال پارڪ رکي ڇڏيو.
اورينٽل ڪاليج پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر مظهر معين موجب لارڊ منٽو 1807ع کان 1813ع جي وچ ۾ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني جو گورنر جنرل هو ۽ ان کانپوءِ ان پارڪ جو نالو ننڍي کنڊ جي مڪمل نئين آبادياتي ماضي جي علامت ۽ برطانوي راڄ جي طاقت جي عڪاسي ڪندو هو. 23 مارچ 1940ع جي لاهور قرارداد حقيقت ۾ نئين آبدياتي حڪمراني جي خلاف بغاوت ۽ مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ جي جدوجهد ڪرڻ جو هڪ مطالبو هو. هن چيو ته آل انڊيا مسلم ليگ پنهنجي 27 هين جنرل اجلاس ۾ ان جڳهه تي ئي قرارداد لاهور منظور ڪئي هئي جيڪا بعد ۾ قرارداد پاڪستان جي نالي سان مشهور ٿي. ڊاڪٽر مظهر معين چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ منٽو پارڪ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي انهي جڳهه تي يادگار پاڪستان تعمير ڪيو ويو ۽ ان منٽو پارڪ کي گريٽر اقبال ۾ تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته اڄ اها جڳهه قومي، ثقافتي، سياسي ۽ جاگرافيائي ورثي جي حيثيت رکي ٿي.
پنجاب يونيورسٽي جي هسٽري شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر محبوب حسين چيو ته منٽو پارڪ لاهور کي آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي لاءِ چونڊ ڪرڻ جا ڪيترائي سبب هئا، لاهور هڪ تاريخي ثقافتي ۽ علمي مرڪز هجڻ کانسواءِ ڪيترين ئي حڪومتن جي دورن ۾ اقتدار ۽ طاقت جو مرڪز به رهيو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ لاهور هڪ مسلمان اڪثريتي شهر هو ۽ اهو خيال ڪيو ويندو هو ته تاريخي اهميت رکندڙ شهر لاهور کان شروع ٿيندڙ اها تحريڪ ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ جلد پکڙجي ويندي. هن چيو ته 23 مارچ جي مسلم ليگ جي جلسي جي لاءِ منٽو پارڪ جي چونڊ ۾ لاهور جو سياسي پس منظر تمام وڏي اهميت رکندو هو ڇو ته اهو مغلن جي گادي وارو شهر هو ۽ هزارين ماڻهن جي ان جنرل اجلاس ۾ شرڪت جي اميد ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر محبوب حسين وڌيڪ چيو ته پوليس آڪائيو مان خبر پوي ٿي ته منٽو پارڪ جي حيثيت سان عام سيشن ۾ اٽڪل 25000 ماڻهو شريڪ ٿيا پر حقيقت اها آهي ته ڀارت جي سمورن حصن مان هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن ان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. هن چيو ته لاهور جي ان پنڊال ۽ تاريخي جلسي مسلمانن جي جدا ملڪ جي مطالبي کي نئين سگهه ڏني هئي. شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ جنهن 1930ع جي پنهنجي خطي الهه آباد ۾ مسلمان اڪثريتي علائقن کي هڪ جدا رياست بڻائڻ جو نظريو پيش ڪيو هو، پاڪستان قائم ٿيڻ جي فوري پوءِ ان جي نالي تي منٽو پارڪ جو نالو اقبال پارڪ رکيو ويو جڏهن ته 2017ع ۾ ان جو نالو گريٽر اقبال پارڪ رکيو ويو.
اڄ جو گريٽر اقبال پارڪ جيڪو ڪڏهن منٽو پارڪ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پنهنجي اندر آزادي جي جدوجهد جي هڪ تاريخ رکندڙ آهي. 25 ايڪڙ زمين تي پکڙيل ان پارڪ ۾ لاهور قلعو، بادشاهي مسجد، رنجيت سنگهه جي سمڌي، شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي قبر، حفيظ جالنڌري جي قبر، وسيع ۽ عريض سرسبز لان موجود آهي. قرارداد لاهور جي يادگار جنهن کي مينار پاڪستان چون ٿا به انهي پارڪ جو حصو آهي. مينار پاڪستان نه رڳو اسان کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزاد ملڪ جي لاءِ جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو پر پنهنجي خوبصورتي ۾ به هڪ شاهڪار آهي. مينار پاڪستان جي تعمير ۾ ڪنڪريٽ، پٿر ۽ سنگ مرمر جو استعمال ڪيو ويو آهي. مينار جي هيٺئين محرابي اسٽرڪچر ۾ اڇي سنگ مرمر تي قرارداد لاهور ۽ قرارداد دهلي اردو، بنگالي ۽ انگريزي ٻولي ۾ لکيل آهن. ان کانسواءِ الله تعاليٰ جا 99 صفاتي نالا، عربي خطاطي، علامه اقبال جا ڪجهه شعر، قائداعظم محمد علي جناح جي تقرير جا نقطا، قرآن پاڪ جون آيتون ۽ پاڪستان جو قومي ترانو به اڇي سنگ مرمر تي لکيو ويو آهي. اهي سموريون يادگارون ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ مختلف دورن تي ٻڌل آهي پر گريٽر اقبال پارڪ قرارداد پاڪستان جي هڪ اهڙي يادگار آهي جنهن مسلمانن کي آزادي جي تحريڪ جو رخ فراهم ڪيو ۽ 1947ع ۾ 7 سالن جي گهٽ عرصي ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جو بنياد رکيو.