اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گڏيل طور تي متفقه انتظام آهي ۽ ڪو به ملڪ هڪطرفي طور تي معاهدي کان پاڻ کي جدا نه ٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خا??، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽي??نٽ جنرل (ر) ناصر خا?? جنجوعه، پرڏيهي سيڪريٽ??ي، ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارتي سيڪيورٽي فو?? پاران طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری