تهران-11 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل فياض بن حامدالرويلي ايران جو سرڪاري دورو ڪيو ۽ ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪئ??. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي، جيڪي خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف ايران جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت اسسٽنٽ چيف آف اسٽاف ميجر جنرل غلام محرابي سان به ملاقات ڪئ??، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سط?? جا عسڪري عهديدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی