گڏيل قومون -12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته رمضان ا??مبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي کي فوري طور لاڳو ڪيو وڃي. هن رمضان ا??مبارڪ جي شروعات تي چيو ته جڏهن رمضان ا??مبارڪ شروع ٿي چڪو آهي، ان باوجود غزه ۾ قتل و غارت، بمباري ۽ رتوڇاڻ جاري آهي. هن ا??يل ڪئي ته غزه ۾ جنگ بندي ڪري رمضان ا??مبارڪ جو احترام ڪيو وڃي ۽ حياتيون بچائيند?? امداد جي تيز رف??ار?? ۽ وڏي پيماني تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ۽ سڀني يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته غزه ۾ جاري تباه ڪن اسرائيلي جنگ ڇهين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي. گڏيل قومن جي سربراهه خبردار ڪيو ته رفح تي اسرائيلي حملا غزه جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هي دنيا ۽ ??ار??خ ڏسي رهي آهي. اسان ا?? تي پنهنجون اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي غزه ۾ فوتگين ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. فلسطيني شهرين لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي.
رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي ڪئي وڃي: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada