گڏيل قومون – 31 مئي (اي پي پي) ايٽمي توانائي جي عالمي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه چيو آهي، ته يوڪرين ۾ واقع يورپ جي سڀ کان وڏي ايٽمي بجلي گهر جي صورتحال انتهائي نازڪ ۽ خطرناڪ ٿي چڪي آهي ۽ ان جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن. روس جي اخبار مطابق انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريا نوگروسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو آهي، ته ذاپوريزيا نيوڪليئر پاور پلانٽ جي چوڌاري روس ?? يوڪرين جي فوج جون سرگرميون مستقبل قريب ۾ تمام گهڻيو وڌي سگهن ٿيون. هن چي?? ته اسان خوشقسمت آهيون جو ا??ا تائين ڪو ايٽمي حادثو ناهي ٿيو، پر موجوده صورتحال جاري رهي ته ڪنهن ڏينهن اسان جي خوشقسمتي ختم ٿي وين??ي، انهي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي طاقت مطابق هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان خدشي کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. رافيل گروسي ان ڳالهه تي به زور ڀري?? ته زاپوريزيا ايٽمي بجلي گهر طرف يا ان خلاف ڪنهن به قسم جو حملو نه ٿيڻ گهرجي، خاص طور تي ري ايڪٽرز، ٻارڻ جي خرچ ٿيل ذخيري ۽ اهلڪارن کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن چي?? ته ايٽمي بجلي گهر کي ٽينڪن ۽ آرٽ??ري سسٽمز جهڙن وڏن هٿيارن جي ذخيري يا اڏي طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، هن چي?? ته ان هنڌ کي فوجين کان پاڪ هئڻ گهرجي. هو گڏيل قومن ۾ روس جي ايلچي ويزيلي چيو آهي ته سندس ملڪ پلانٽ جي ايٽمي ۽ فزيڪل حفاظت کي وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. هن خبردار ڪي?? ته زاپوريزيا ۽ ويجهي شهر انرگودار تي ٿيل حملن جو سخت جواب ڏنو ويندو. هن يوڪرين جي حڪومت جي ان دعويٰ کي به رد ڪي?? ته روس ان پلانٽ کي پنهنجي فوجين لاءِ ڍال طور استعمال ڪري رهيو آهي.
يوڪرين ۾ يورپ جي سڀ کان وڏي ايٽمي بجلي جي گهر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي چڪي آهي: آءِ اي اي اي جو سربراهه
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون