احساس ايمرجنسي ڪيش تحت 8 لک 15 هزار 548 خاندانن کي امداد ڏني وئي آهي: فردوس عاشق اعواڻ


APP04-11 ISLAMABAD: April 11 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media. APP

اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 8 لک 15 هزار 548 خاندانن کي امداد انهن جي گهرن تائين پهچائي وئي آهي، اڍائي کان ٽن هفتن ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن ۾ هڪ ارب 44 ڪروڙ رپيا پهچائڻ جو هدف مڪمل ڪيو ويندو، احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام حقوق العباد جي پاسداري جو روشن مثال آهي. هو اسلام آباد ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي لاءِ قائم ڪيل ڪيش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.

متعلقہ مضامین