وزيراعظم پاران پاڪستان سيڙپڪار منزل ملڪ طور پيش


اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي سوئٽزرلينڊ جي دوري دوران موثر انداز ۾ پاڪستان جي معاشي طاقت کي اجاگر ڪيو آهي ۽ ملڪ کي هڪ اهڙي محفوظ سيڙپڪار منزل طور تي پيش ڪيو جنهن کي گلوبل پلئير وڃائي نٿو سگهي. ڊيووس جي منجمد درجه حرارت ۾ جتي مشهور عالمي واپاري اڳواڻ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ وزيراعظم جي عالمي پليٽ فارم تي پنهنجي پيغام ۾ معيشت ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ پاڪستان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم نواز شريف مختلف عالمي ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن سان ملاقات جي دوران کين پاڪستان ۾ پرڪشش معاشي ۽ سيڙپڪاري پاليسين کان اگاهه ڪيو ۽ کين ملڪ جي معاشي بحالي مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني.

مضمون کا ماخذ : ریل رش

متعلقہ مضامین