بلوچستان ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ معاشي سرگرمين جي رواني جي موثر ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ماهرن تي ٻڌل ٿينڪ ٽينڪ جوڙي وڃي: وزيراعظم


APP63-09 QUETTA: April 09 - Prime Minister Imran Khan chairs briefing on COVID-19 situation in Balochistan. APP

ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان صوبي ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ معاشي سرگرمين جي رواني، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي حوالي سان هڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان ڏس ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماهرن تي ٻڌل هڪ ٿنڪ ٽينڪ جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

متعلقہ مضامین