عمران خان کي گولي نه ڏک لڳو آهي، ان جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ بدلجي ويو آهي، اسان جي گهڙيءَ اسان کي وقت ٻڌائي ٿي، عمران خان جي گهڙيءَ ان جي اوقات ٻڌائي ڇڏي آهي: مريم اورنگزيب


APP44-181122 ISLAMABAD: November 18 – Federal Minister for Information and Broadcasting Ms Marriyum Aurangzeb addressing a press conference. APP/ABB

اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي گولي نه ڏک لڳو آهي، ان جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ بدلجي ويو آهي، عمران خان جي سياست جي لنڪا ٻڏي چڪي آهي، اسان جي گهڙيءَ اسان کي وقت ٻڌائي ٿي، عمران خان جي گهڙيءَ ان جي اوقات ٻڌائي ڇڏي آهي، حرم شريف جي عڪس واري گهڙيءَ عمران نيازي ڀڳڙن جي اگهه ۾ وڪرو ڪئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عمران خان جي خطاب سان يقين ٿي ويو آهي ته عمران خان کي ڪا گولي ناهي لڳي، عمران خان کي ڏک آهي ته سندس لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان صحتمند آهي ۽ هو الزام بازي ڪري رهيو آهي، عوام پاڳل ۽ بيوقوف نه آهي، جيڪا ان جي ڳالهين ۾ اچي وڃي. هن چيو ته جنهن وقت عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئي ته هن ان کي آمريڪي سازش جو نالو ڏنو، عمران خان هڪ ٻهروپيو آهي، هو ڪوڙ ڳالهائي سمجهي ٿو ته عوام سندس ڪوڙ کي سچ مڃي وٺندي. هن چيو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئيني طريقي سان آئي، جيڪا ڪامياب ٿي. عمران خان جي اتحادين ان جي خلاف ووٽ ڏنا، ان جي پارٽي جا ميمبر اهو ڄاڻيندي ته اسان نااهل ٿي سگهون ٿا، ان جي خلاف ووٽ ڏنو. هن چيو ته پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ عمران خان بند ڪمري ۾ آرمي چيف کي تاحيات توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر ڪمري کان ٻاهر مير جعفر، مير صادق ۽ نيوٽرل ته جانور هوندو آهي، جهڙا بيان ڏنا. هن چيو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ مخالف ڌر پيش ڪئي، ان وقت جي سپيڪر اها رٿ جمع ڪئي، ان تي بحث ڪرائڻ ۽ ووٽنگ جي اجازت ڏني، جڏهن عمران خان کي يقين ٿي ويو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي آهي ته هن ٻاهرئين سازش جو بيانيو اختيار ڪيو، پهرين عمران خان بي اعتمادي رٿ کي آمريڪي سازش جو نالو ڏنو ۽ پوءِ ان تي يوٽرن وٺي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان جي خلاف جڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ لڳي ته هن چيو ته هو ملڪ بند ڪري ڇڏيندو، هن آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، سائفر سان کيڏڻ جو چيو، هن پنهنجي دور ۾ پرڏيهي پاليسي جو جنازو ڪڍيو، ملڪي مفادن کي وڪرو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. جڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي هئي ته عمران خان نه رڳو وفاق پر پنجاب ۾ به آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ته اڄ ايبسليوٽلي ناٽ چوندڙ شخص آمريڪا کان معافيون وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي ۽ ويس بدلائي عوام کي بيوقوف بڻائي ٿو، عمران خان عوام آڏو مديني جي رياست بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ پوئين دروازي کان وارداتون ڪيون، توشه خانه جون گهڙيون خريد ڪرڻ کانسواءِ وڪرو ڪيون، هن توشه خانه ۾ دڪان لڳائي رکيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي گهڙيءَ اسان کي وقت ٻڌائي ٿي جڏهن ته عمران خان جي گهڙيءَ ان جي اوقات ٻڌائي ڇڏي آهي، عمران خان حرم شريف جي عڪس واري گهڙيءَ ڀڳڙن جي اگهه تي وڪرو ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي مٿان لڳندڙ الزامن تي چيو ته هو يو اي اي ۽ برطانيا وڃي ڪيس ڪندو. اڄ 38 ڪلاڪ گذري ويا ۽ عمران خان جي قانوني مشاورت مڪمل ناهي ٿي، عمران خان وڪيلن جي فيسن تي پئسو لڳائڻ ۽ برطانيا وڃي ڪيس ڪرڻ بدران رسيون ڏي. هن چيو ته عمران خان گهڙيءَ چوري ڪئي، توشه خانه ۾ پئسا جمع نه ڪرايا، هن اها گهڙيءَ عمر فاروق کي وڪروڪئي، ان جي هينڊلرز شهزاد اڪبر ۽ فرح گوگي گهڙيءَ جو سودو ڪرايو. گهڙيءَ جي وڪري سان ملندڙ پئسو ڪيش جي صورت ۾ چارٽرڊ جهاز ذريعي مني لانڊرنگ ڪري آندو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي سياسي مخالفن تي الزام هڻي انهن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو، پنهنجي چار سالن دوران هن سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي جيلن ۾ وڌو، 40، 40 سالن جو حساب گهريو ۽ عمران خان جي ئي دور ۾ عدالتن کيس بيلز ڏنيون، اڄ عمران خان چوي ٿو ته ان وٽ نيب نه هو، عمران خان وٽ نيب نه نيب چيئرمين جي وڊيو هئي جنهن تي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيوويو، عمران خان ڪهڙي سستي انصاف جي ڪري رهيو آهي؟ هو چار سال حڪومت ۾ هو، 10 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ڪري رهيو آهي جتي احتساب ڪميشن 10 سالن کان بند آهي. پنجاب جي اندر سندس حڪومت آهي، اهي پنجاب جي ماڻهن کي انصاف ڇو نه ٿا ڏين؟ هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته هو پرائيويٽ اسپتال مان ميڊيڪو ليگل ڪرائيندو ۽ ان جي ايف آءِ آر سندس مرضيءَ موجب ڪاٽي وڃي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ملڪ جي هر شخص کي اهو حق حاصل هجڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان سمجهي ٿو ته سندس مرضي سان قانون هلي، هو چوي ٿو جنهن شخص جو نالو وٺي، ان تي ايف آءِ آر ڪاٽي وڃي. هن چيو ته عمران خان اڳ ۾ به شهباز شريف تي هتڪ عزت جو ڪيس ڪيو ۽ ڇهن سالن کان پاڻ عدالت ۾ پيش نه ٿيو. هن چيو ته عمران خان توشه خانه ۾ پئسا جمع ڪرائڻ کانسواءِ گهڙيءَ هينڊلر ون فرح گوگي جي هٿان وڪرو جي لاءِ موڪلي جڏهن ته هينڊلر ٽو شهزاد اڪبر ٽيليفون تي گهڙيءَ جا سودا ڪرائيندو رهيو، عمران خان جي گهڙيءَ وڪرو ٿي ۽ ڪيش پئسا آندا ويا جيڪي ڊڪليئر نه ڪيا ويا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل چهن مهينن دوران جنهن جڳهه تي به ويو اتي عمران خان جي گهٽياپن جا داستان ٻڌايا ويا، عمران خان ملڪ جي توهين ڪرائي، ملڪي مفاد وڪرو ڪيا، عمران خان سي پيڪ جا پراجيڪٽس بند ڪرايا، چين جي ڪمپنين جا ڪاروبار بند ڪرايا، ترڪيءَ، يو اي اي سميت غيرملڪي سيڙپڪاري کي چار سالن تائين بند رکيو. هن چيو ته عمران خان ڪرشنگ جي اجازت نه ڏئي ۽ کنڊ برآمد ڪري ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ پيدا ڪئي ۽ پوءِ کند جي قيمت کي وڌائي ڇڏيو. عمران خان جي دور ۾ عوام آڱوٺن تي مَس جا نشان هڻي هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ قطارن ۾ بيٺل رهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڪنهن سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عوام کي پاڳل ۽ بيوقوف سمجهيو آهي؟ عمران خان کي هر ڳالهه جو جواب ڏيڻو پوندو، عوام سندس اصليت ڄاڻي ٿي. هن چيو ته عمران خان چئي رهيو هو ته پنجاب ۾ منهنجي حڪومت آهي پر هو ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي سگهيا، جيڪڏهن عمران خان ايترو بيوس آهي ۽ پنهنجي ايف آءِ آر پنهنجي مرضي ۽ ضد موجب نه ٿو داخل ڪرائي سگهي ته پنجاب حڪومت ختم ڪري ڇڏي، ان جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۾ وفاق ۽ شهباز شريف جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ هن چيو ته عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ احتساب ڪميشن جو تالو کولي، مالم جبه، هيلي ڪاپٽر ڪيس، بي آر ٽي ڪيسز کولي، ان کانپوءِ انصاف جي ڳالهه ڪري، عمران خان چار سال حڪومت ڪري ويو آهي، ان جي دور ۾ تاريخي بيروزگاري ٿي، هن فارن پاليسي تباهه ڪئي، ڪشمير جو سودو ڪيو. اڄ عمران خان چوي ٿو ته ماڻهو ظلم جي خلاف نڪرندا، عمران خان اهو ته ٻڌائي ته ظلم ڪهڙو ٿيو آهي؟ ڇا عمران خان کي الزامن تي گرفتار ڪيو ويو آهي؟ ڇا ان جي ڀينرن، ڌيئرن کي ان جي سامهون هٿڪڙيون هنيون ويون آهن؟ هن چيو ته اسان ته عمران خان کان توشه خانه جي ڌاڙن، گهڙين ۽ هيرن جي چوري جو حساب گهري رهيا آهيون، اسان زمينن جي ڏيتي ليتي جو حساب گهري رهيا آهيون، اسان ايل اين جي ۽ بجلي جي منصوبن ۾ مافياز کي فائدا ڏيڻ جو حساب گهري رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خان فرنس آئل جو مافيا ويهاري رکيو هو جنهن ايل اين جي جا سودا ٿيڻ نه ڏنا، اها مافيا فرنس آئل تي پنهنجا پلانٽ هلائيندي رهي، ظلم ته اهو هجي ها ته ان کي پهرين ڏينهن ئي جيل ۾ وڌو وڃي ها. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪهڙي ظلم جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جا ظلم ته اسان جي پارٽي ۽ اسان جي اڳواڻن برداشت ڪيا آهن. صحافين جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسحاق ڊار جي صدر سان ملاقات ٿي آهي، اسحاق ڊار صدر کي ملڪ جي معاشي صورتحال جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڪيو آهي، ان حوالي سان ناڻي واري وزارت پاران تفصيلي پريس رليز پڻ جاري ٿي چڪي آهي. فيفا ورلڊ ڪپ جا مئچز نشر ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ اي اسپورٽس کي جعلي طريقي سان رائيٽس ڏنا ويا، پي ٽي وي پنهنجي ايئرنگ رائيٽس تان آڪٽوبر 2021ع ۾ ان لاءِ هٿ کنيو هو ته جيئن اي اسپورٽس کي رائيٽس ڏئي سگهجن. هن چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ تي پوري دنيا جون نظرون آهن، هڪ چينل کي فائدو ڏيڻ جي لاءِ ايئرنگ رائيٽس تان پي ٽي وي کي دستبردار ڪرايو ويو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پي ٽي وي سان ظلم ٿيو. هن ٻڌايو ته اسان جي فيفا جي انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته پي ٽي وي اسپورٽس ايئرنگ رائيٽس واپس حاصل ڪري. هڪ سوال تي هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون موجب وزيراعظم جو استحقاق آهي، ان کي ئي آئيني فرض سرانجام ڏيندي اها مقرري ڪرڻي آهي، اهو فيصلو رستن تي نعرا هڻڻ ۽ الزام هڻڻ سان ناهي ٿيڻو. هن چيو ته عمران خان جي سياست جي لنڪا ٻڏي چڪي آهي، ان جي لانگ مارچ هاڻي ورڪ فرام هوم بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته ميڊيا تي پريشر آهي، اڄ 28 منٽ تائين عمران خان ٽي وي اسڪرين تي موجود رهيو جڏهن ته عمران خان پنهنجي دور ۾ پنهنجي سياسي مخالفن جي آواز کي دٻايو، صحافين جي نڪ جون هڏيون ٽوڙيون، انهن جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، صحافين کي اغوا ڪيو. هن چيو ته عالمي صحافتي تنظيمن عمران خان کي پريڊيٽر چيو. هن چيو ته عوام عمران خان جي اصل مقصدن کان واقف آهي، هو عوام کي بيوقوف نه سمجهي. پي ٽي وي جي ڪيس جي حوالي سان هن چيو ته انڪوائريز فائنل اسٽيج تي آهن، ڪجهه ماڻهن عدالتن کان منع ناما حاصل ڪري رکيا آهن، هاڻي عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿي چڪي آهي، عدالت قومي اداري پي ٽي وي جي رائيٽس کي ڏسندي فيصلو ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اقتدار ۾ ايندي ئي ايل اين جي جي سودن جي حوالي سان هڪ ڪميٽي ٺاهي هئي، جنهن وقت پاڪستان کي سستي اگهن تي ايل اين جي ملي سگهندي هئي، ان وقت ڇو نه سودا ڪيا ويا، اهي ڪهڙا ماڻهو هئا جن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، انهن ماڻهن جي ڌاڙن ۽ چوري جو نتيجو اڄ عوام ڀوڳي رهي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ”اي اسپورٽس“ کي ايڪسپريشن آف انٽرسٽ کانپوءِ لائيسنس جاري ڪيو ويو، ڪنهن کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، پيمرا قانون موجب لائيسنس جاري ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ هڪ چينل کي جعلسازي جي ذريعي رائيٽس ڏنا ويا، ايڪسپريشن آف انٽرسٽ ۾ لکيل هو ته اسپورٽس جو چينل هجڻ لازمي آهي، پر اسپورٽس چينل نه هجڻ جي باوجود ان کي بڊنگ پراسيس ۾ شامل ڪيو ويو ۽ مارڪيٽنگ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ان جي مارڪنگ بدلائي ان کي اڳتي آندو ويو. هن چيو ته بڊنگ پراسيس کي سبوتاز ڪري ناڪام ٿيندڙ ڪمپني کي اييئرنگ رائيٽس ڏنا ويا. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان عمران خان جي چار سالن ۾ فيٽف سميت اهم معاملن تي ساٿ ڏنو، اهي خوشقسمت هئا جو انهن کي اهڙي اپوزيشن ميسر هئي جيڪا سمجهندي هئي ته قومي مفاد ڇا هوندو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ تاريخي قرض ورتا، اسان مهانگائي 2.3 سيڪڙو تي ڇڏي ويا هئاسين جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ۾ 18 سيڪڙو مهانگائي هئي، 80 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا هئا، هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا هئا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جڏهن کان گهڙيءَ چور جا داستان عوام آڏو آيو آهي ۽ جيڪو صحافي ان بابت ڳالهه ڪري رهيو آهي اهو عمران خان جي عتاب هيٺ آهي. اهو هڪ رويو ۽ سوچ آهي، اهو پارٽي جو مسئلو نه آهي اهو ان شخص جو مسئلو آهي جيڪو ان جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.

متعلقہ مضامین