دره آدم ۾ گهر جي تهه خاني ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿيڻ سبب 6 ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت


پشاور- 30 جولاءِ (اي پي پي) ڪوهاٽ جي علائقي دره آدم خيل پراڻي بازي خيل ۾ امجد نالي شخص جي گهر جي تهه خاني ۾ برسات جو پاڻي ڀرجڻ سبب 6 ٻارن، 3 عورتن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو 1122 ڪوهاٽ مطابق تهه خاني ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب سمورا گهرڀاتي گهر اندر ڦاسي پيا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ميڊيڪل ۽ ڊيزاسٽر ٽيم موقعي تي پهچي سمورن ماڻهن جا لاش تهه خاني ۾ گڏ ٿيل پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.

مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ

متعلقہ مضامین