بنون ڇانوڻي تي آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيلن کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو


راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد شهيد (عمر 44 سال، رهائش ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين شهيد (عمر 39 سال، رهائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد شهيد (عمر 28 سال، رهائش ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان شهيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد شهيد (عمر 22 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان شهيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم شهيد (عمر 26 سال، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي شهيد (عمر 34 سال، رهائش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر

متعلقہ مضامین